نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ شاديءَ جي موقعي تي اڪثر عجيب واقعا پيش اچن ٿا، جنهن ۾ ڪڏهن ڪنوار ڪنهن معمولي ڳالهه تي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي ته ڪڏهن گهوٽ ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ڪري شادي ڇڏي هليو وڃي ٿو. اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو، جنهن ۾ گهوٽ ڀريل محفل ۾ ان ڳالهه تان ڪاوڙجي اٿي ويو جو ڪنواريتن بينڊ باجي وارن کي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. رپورٽن موجب شادي جي تقريب ٿي رهي هئي ته بينڊ باجي وارا گهوٽيتن کان پئسا گهريا پر هنن اهو چئي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اها رقم ڪنواريتن طرفان ڏني وڃي، جنهن تي ٻنهي خاندانن ۾ جهيڙو ٿي پيو. گهوٽ پنهنجي ۽ خاندان جي بيعزتي محسوس ڪئي ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل هار ٽوڙي ڄڃ واپس وٺي روانو ٿي ويو.