لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي دوري لاءِ 18 رڪني قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ياسر شاهه ۽ شان مسعود جي واپسي ٿي آهي. اسڪواڊ ۾ تجربي ڪار ليگ اسپنر ياسر شاهه جي واپسي ٿي آهي، جيڪو انجريءَ سبب وڏي عرصي کان ٽيم کان ٻاهر هو، جڏهن ته تازو ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شان مسعود کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انجريءَ سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ کان ٻاهر ٿيندڙ محمد نواز جي به قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته سلمان علي به ٽيم ۾ واپس آيو آهي. قومي ٽيم جي 18 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، محمد رضوان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، اظهر علي، فواد عالم، سرفراز احمد، سلمان علي آغا، سعود شڪيل، شان مسعود، حارث رئوف، حسن علي، امام الحق، محمد نواز، نسيم شاهه، فهيم اشرف، نعمان علي، شاهين آفريدي ۽ ياسر شاهه شامل آهن.