ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ مهيني کان گهٽ عمر جي ڇيلي (ٻڪريءَ جي ڦر) جا سڀ کان ڊگھا ڪن آهن ۽ ان جو نسل سنڌ سان تعلق رکي ٿو.  سنڌ صوبي ۾ محمد حسن ناريجو جي فارم تي پيدا ٿيندڙ ڇيلي جو نالو “سمبا” رکيو ويو آهي. 5 جون تي جنم وٺندڙ ڇيلي جا ڪن غير معمولي طور تي ڊگھا آهن جيڪي بيهڻ جي باوجود زمين کي ڇهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو 19 انچ (48 سينٽي ميٽر) ڊگھن ڪنن واري سمبا جو نالو گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ داخل ڪيو ويندو. محمد حسن ناريجو هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌايو ته ليڙي نسل سان تعلق رکندڙ ٻڪرين جا ڪن ڊگها هوندا آهن پر سمبا جا ڪن غيرمعمولي طور تي ڊگها آهن، اهو ئي سبب آهي جو سمبا دنيا جي ڊگھن ڪنن وارو ٻڪرو بڻجي سگهي ٿو. محمد حسن ٻڌايو ته پالنا سان گڏوگڏ هن جا ڪن وڌيڪ وڌندا ويندا. سعودي عرب جي حجازي نسل جي ٻڪر جا ڪن 43 سينٽي ميٽر نوٽ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سمبا جا گڏ 48 سينٽي ميٽر ڊگها آهن.