گھوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي جسقم اڳواڻن نصرالله ڪلادي، رشيد سنڌي ۽ راشد ڪلوڙ مٿان پوليس مقابلي جو ڪيس داخل، ان ڏس ۾  گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پوليس معمول مطابق گشت ڪري رهي هئي ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل نصرالله ڪلادي، رشيد سنڌي، راشد ڪلوڙ ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن پوليس پوليس موبائيل مٿان فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ بعد ڄاڻايل جوابدار فرار ٿي ويا ٻي طرف   جسقم اڳواڻ رشيد سنڌي جو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرھ تي سن وڃڻ جي ڏوھ ۾ گهوٽڪي پوليس اسان مٿان پوليس مقابلي ۽ ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. هن چيو ته ڪوڙا ڪيس اسانکي پنھنجي حقن واري جدوجھد تان دستبردار نٿا ڪري سگھن.