ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سان تعليم واري وزير سردار شاهه جي ملاقات، اسڪولن ۾ داخلا وٺندڙ ٻارڙن لاءِ حفاظتي ٽڪن جي ڪورس جو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ،  صوبائي وزير عذرا پيچوهو ۽ سردار شاهه وچ ۾ ملاقات دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، صحت واري وزير عذرا پيچوهو سردار شاهه کي چيو ته اسڪولي ٻارڙن جي داخلا لاءِ حفاظتي ٽڪن واري ڪورس جي سرٽيفڪيٽ کي لازمي بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، صحت کاتي وٽ يوسي سطح جي ڊيٽا آهي، اميونائيزيشن ڊيٽا سان داخلا نه وٺندڙ ٻارڙن کي ٽريڪ ڪري سگهجي ٿو،  ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته صحت کاتي جي اميونائيزيشن ڊيٽا سان اسڪول کان ٻاهر رهجي ويل ٻارن جو صحيح انگ معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي،  هن چيو ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ نظر جي خرابي جي تشخيص جي صورت ۾ والدين کي آگاهه ڪيو ويندو.