گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان گورنمينٽ گرلس ۽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول چنگلاڻي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيد اسرار احمد شاهه ڇاپو هنيو، اسڪول کي تالو لڳڻ هئڻ سبب سموري اسٽاف کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾  ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر گهوٽڪي سيد اسرار احمد شاهه گورنمينٽ گرلس ۽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول چنگلاڻي جي وزٽ ڪئي ته اسڪول کي تالا لڳل هئا، اسڪول جا استاد شاگرد ۽ ٻيو عملو اسڪول مان غير حاضر هو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري  موجب ته هن اسڪول جي وزٽ ڪئي ته اسڪول کي تالا لڳل هئا ۽ اسڪول ۾ نه استاد ٻيو عملو ۽ نه ئي ڪو شاگرد اسڪول ۾ موجود هو، اسڪول ۾ مقرر سموري عملي کي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي اهڙي آگاهي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ منسٽر کي ڏئي ڇڏي آهي