ڌاٻيجي (ن پ ا)  2 ڏينهن پھرين بي دردي سان قتل ڪيل ڌاٻيجي لڳ بلال نگر واسي نينگر حسيب جي تڏي تي سياسي سماجي اڳواڻن پاران  تعزيت جو سلسلو جاري آهي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت جسقم اڳواڻن ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن  سان گڏ پھچي وارث سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين  صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته انسانيت کي لڄائيندڙ  ھن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي. اسان ھن ڏک جي گھڙي ۾ راجپوت برادري سان گڏ آھيون صنعان خان قريشي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پوليس منشيات فروشن جي ھر ممڪن مدد ڪري انهن کي پروٽوڪول ته ڏي ٿي پر معصوم شھرين جي تحفظ ۾ مڪمل ناڪام آهي اسان جي وسيلن تي قبضا ڪري امير سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي واري زندگي گزارڻ لاء ھتان جي مقامي ماڻهن لاء روزگار جا دروازا ته بند ڪيا ويا آهن پر ھاڻي ته اسان کان جيڻ جا حق به کسيا پيا وڃن. واقعي کي 2 ڏينهن گزرڻ باوجود اڃان ڪا به گرفتاري ناهي ٿي اسان آئي جي سنڌ ۽ چيف جسٽس پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ جسقم مقتول جي وارثن سان گڏ روڊن تي بيھي انصاف لاء سموري سنڌ ۾ درڻا ھنيا ويندا.