حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو، 160 يوسيز، 9 ٽائون ڪميٽين ۽ 640 وارڊن تي پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوارن سميت مختلف پارٽين جا 164 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پيپلزپارٽي سميت مختلف پارٽين پاران سرگرميون به شروع ڪيون ويون آهن. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي قاسم آباد ۽ سٽي تعلقي سان گڏائي 9 ٽائون، 160 يوسيز ۽ 640 وارڊن تي مشتمل ڪيو ويو آهي. لطيف آباد تعلقي ۾ 19 يونين ڪائونسلن تي سچل سرمست ٽائون، 18 يوسيز تي شاهه لطيف آباد ٽائون ۽ 18 يوسيز تي حسين آباد ٽائون جوڙيو ويو آهي.  ٻهراڙي وارو تعلقو ٻن ٽائون تي مشتمل آهي. ٽنڊو ڄام ۾ 16 يوسيز ۽ ٽنڊو فضل ۾ 17 يوسيز شامل ڪيون ويون آهن. مجموعي طور 800 تڪن تي پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، پاڪ سرزمين پارٽي، قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف پارٽين پاران يونين ڪائونسلن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊن تي به پنهنجا اميدوار بيهاريا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب پيپلزپارٽي جا 26 يونين ڪائونسلن تي نامزد چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين طور اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. اهڙي ريت يوسي 142 تي آزاد اميدوار طور نامزد چيئرمين محمد اسلم ۽ وائيس چيئرمين غلام حسين به بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مختلف يونين ڪائونسلن تي نامزد اميدوارن جي فوتگين ۽ فارم جمع نه ڪرائڻ جا تفصيل پڌرا ڪيا ويا آهن جنهن  موجب يوسي 17 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون فوتگي سبب خالي آهن جڏهن ته يوسي 18 جي وارڊ نمبر 4 تي ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو. يوسي 30 تي وارڊ نمبر 2 جي اميدوار جي سيٽ به فوتگي سبب خالي پيل آهي. اهڙي ريت يوسي 58 تي جنرل وارڊ 4 جي سيٽ فوتگي سبب خالي ڄاڻائي وئي جڏهن ته يوسي 62 جي وارڊ نمبر هڪ ۽ 2 تي نامزدگي فارم جمع نه ٿيڻ سبب ٻنهي سيٽن کي خالي قرار ڏنو ويو آهي. يوسي 85 وارڊ 2 ۽ يوسي 89 جي وارڊ 3 بابت ڄاڻايو ويو آهي ته اهي سيٽون اميدوارن جي فوتگين سبب خالي پيل آهن. يوسي 118 ۽ يوسي 119 تي پڻ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊ 4 جون سيٽون فوتگين سبب ئي خالي ڄاڻايون ويون آهن. پيپلزپارٽي جا حيدرآباد ۾ 52 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. رڳو هڪ يوسي تي آزاد اميدوار طور چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪاميابي ماڻي آهي. اهڙي ريت وارڊن تي به ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ اڪثريت پ پ اميدوارن جي آهي ڇاڪاڻ ته 100 کان وڌيڪ وارڊن تي سندن ئي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن. 5 وارڊن تي ايم ڪيو ايم جا نامزد اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. هڪ وارڊ تي قومي عوامي تحريڪ ۽ هڪ وارڊ تي ٽي ايل پي جو اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيو آهي. اهڙي ريت وارڊن تي پي ٽي آءِ جي 4 اميدوارن ۽ 7 آزاد اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.