گهوٽڪي (رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ گهوٽڪي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ کي هٽائي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر گوبند رام کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي جو ايم ايس مقرر ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي هٽايل ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ ٻڌايو ته مونکي ايم ايس جي عهدي تان هٽايو ويو آهي.سياسي سماجي اڳواڻن گهوٽڪي جي ايم ايس کي هٽائڻ لاءِ احتجاج به ڪيو هو، هٽايل ايم ايس احتجاج ڪندڙ شهرين تي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس به داخل ڪرايو هو.