پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان وارثن کي ھٿ اچي ويو . پنو عاقل جي ڳوٺ عزت ڪورائي مان گم ڄاڻايل نوجوان فرحان ڪورائي وارثن کي سکر مان هٿ اچي ويو آهي. پوليس موجب گھران ڪاوڙجڻ کانپوءِ نوجوان سکر ھليو ويو جتي وارث کي ھٿ آيو آھي.