فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي مان مبينا اغوا ايس ٽي پي اڳواڻ جو ڀائيٽو بازياب نه ٿي سگهيو آهي، پوليس عبدالفتاح گائنچي جي ڀائٽي معشوق کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪاڇي واري علائقي ڪيھر جي ۽ باجڪ ۾ رھندڙ کاھاڻي ۽ نٿاڻي گائينچا برادري جي ڌرين خان محمد ۽ رکيل ھڪٻئي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ڪاڇي جا رستا ۽ کيکڙا بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري ٻنهي ڌرين جا ماڻهو پنهنجي علائقن ۽ گهرن تائين محدود بڻيل آهن. ٻي طرف گائينچا برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچڻ ڪري ڌرين ۾ خوني جهيڙي جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ھڪ ڌر جي ماڻهن سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح گائينچو، محمد وارث گائينچو، خان محمد، يار محمد ۽ ٻين پريس ڪلب فريدآباد پهچي احتجاج ڪندي دانھيو ته رکيل گائينچو، ستار گائينچو، مشتاق، رسولو گائينچو سميت 15 کان مٿي ھٿيار بندن ھٿيارن جي زور تي ڪالهه ڪاڇي ۾ جبلن ۾ ٻڪريون چاريندڙ اسان جي نوجوان معشوق گائينچو کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ ان سان گڏ اسان جون 200 ٻڪريون به ڪاھي ويا آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود انتظاميه معشوق گائينچو کي آزاد ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ ڦرٿيل ٻڪريون واپس ڪرائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ ڊي آء جي حيدر آباد ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ھٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪري يرغمال بڻايل نوجوان معشوق گائينچو کي آزاد ڪري ڦرٿيل ٻڪريون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.