جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد جي شاھه غازي پاڙي ۾ 4 ڏينهن اڳ صوبائي صلاحڪار جي رشتيدار عرض محمد جکراڻي پاران وڪيل عبدالرحمان پٺاڻ جي گھر تي مبينا طور حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي بعد صوبائي صلاحڪار جو ڀاءُ خالد جکراڻي ميڙ منٿ قافلو وٺي متاثر وڪيل عبدالرحمان پٺاڻ ۽ غلام سرور سڌايو جي گھر پھتو، ميڙ منٿ قافلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا خان جکراڻي، صابر جکراڻي ۽ ٻيا موجود هئا، صوبائي صلاحڪار جي ڀاءُ خالد جکراڻي متاثر ڌر کي چيو ته ڇوڪرن کان غلطي ٿي وئي آهي، ميڙ وٺي پھتا آهيون، راڄوڻي ڪيو وڃي، جنهن تي متاثر ڌر جي غلام سرور سڌايو بلو گينگ کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو شرط رکندي آيل ميڙ کي مان ڏيندي راڄوڻي لاءِ راضي ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جو فيصلو ڪراچي ۾ اڳوڻي ايم اين اي مير بابل جکراڻي وٽ ڪراچي ۾ ٿيندو، ان حوالي سان وسيم الحق سڌايو ٻڌايو ته جکراڻي برادري جا چڱا مڙس ميڙ وٺي پھتا آهن، قافلي کي مان ڏئي فيصلي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.