ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ چانڊيا برادري ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل 2 ڄڻن الهوڌايو چانڊيو ۽ عرفان چانڊيو جي وارثن وٽ ڳوٺ جوابپور ۾ ام رباب چانڊيو پهچي مقتولن جي وارثن سڪندر چانڊيو ۽ بشير چانڊيو سان عذرخواهي ڪئي، ان موقعي تي ام رباب چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام سبب خونريزي ٿي رهي آهي، سنڌين کي متحد ٿيڻو پوندو.