گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ)مڪاني چونڊن ۾ مختلف آر اوز پاران مختلف يوسيز، ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين جي اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ بعد اميدوارن اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون، مهر گروپ جي اڳواڻ سردار حاجي خان مهر فارم جي بحالي لاءِ پنهنجي وڪيل جمشيد فيض ماڪو معرفت اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. اليڪشن ٽربيونل ۾ مهر گروپ جي اڳواڻ يوسي علي باغ تي فارم ڀرائيندڙ سردار حاجي خان مهر درخواست داخل ڪرائيندي  موقف اختيار ڪيو ته منهنجو ووٽ يونين ڪائونسل علي باغ ۾ داخل ٿيل آهي جتي هو ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي مڪاني چونڊ وڙهي رهيو آهي آر او حڪومتي ڌر پ پ جي اڳواڻن جي ونگار وهندي فارم رد  ڪيو آهي، عدالت سڳوري کي اپيل آهي ته يوسي علي باغ تي فارم بحال ڪيو وڃي. اليڪشن ٽربيونل سردار حاجي خان مهر جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي 25 تاريخ آر او کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي، واضح رهي ته مهر گروپ جي اڳواڻ سردار حاجي خان مهر جو فارم آر او ان ڪري رد ڪيو ته اوهان جو ووٽ ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ داخل ٿيل آهي تنهنڪري اوهان جو فارم يوسي علي باغ تي بحال نٿو ڪري سگهجي. هوڏانهن مختلف يونين ڪائونسلن، ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين جي 40 کان وڌيڪ اميدوارن اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل واريون درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون آهن.