رپڙي (ن پ ا)) يوسي رپڙي، يوسي کيمٽيا، يوسي ڊاڪٽر سليم کرل تي مڪاني چونڊ وڙھندڙ اميدوارن جي حتمي فهرست رٽرننگ آفيس گمبٽ مان پڌري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ يوسي  رپڙي تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر طور پ پ جي سراج احمد پنھور، جي يو آءِ جي ذڪريا شاھه، ۽ جي ڊي اي جي امير سلطان ڪلھوڙو جو ۽ چيئرمين لاءِ پ پ جي محمد علي پنھور، وائيس چيئرمين لاءِ ميھر علي ناريجو، آزاد اميدوار طور تي عبدالشڪور ۽ انام الله جو فارم بحال ڪيو ويو جنهن بعد  پ پ اميدوارن محمد علي پنهور ۽ ميهر علي ناريجو سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن.