ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڄام نورالله وٽ بجلي جي پول مان ڪرنٽ  لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو، جتي سندس سڃاڻپ نوشهروفيروز واسي راڻو سهتو طور ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي فوتي نوجوان درويش معلوم ٿي رهيو آھي، جيڪو بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آھي.