سرحد (ن پ ا) سرحد جو نوجوان صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ظفر اوڳاهي فوت ٿي ويو، صحافي برادريءَ ۾ سوڳ، وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري. خبر موجب سرحد جو نوجوان صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ظفر اوڳاهي ڪجهه عرصو بيمار  رهڻ بعد وفات ڪري ويو. ان سلسلي ۾ ظفر اوڳاهي جي گهرڀاتين جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن اڳ ظفر کي پيٽ ۾ سور پيو، جنهن بعد کيس گهوٽڪيءَ جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. نوجوان صحافيءَ جي وفات تي صحافين ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. سرحد جي صحافين حاڪم ابڙو، عبدالحئي ساوند، عطا حسين سومرو، حاجي محمد مهر، بابر مهر، راڻا راحت حسين، اعجاز ڀٽي، سردار ابڙي، سياسي اڳواڻن حمزه خان سندراڻي، غلام حسين مهر، احمد علي ملڪ، فقير ڪامل لکڻ ۽ ٻين ظفر اوڳاهي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.