گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي موبائل مارڪيٽ مان خيرات وٺڻ لاءِ ايندڙ عورتن دڪان تان موبائل فون چوري وارا سي سي ٽي وي فوٽيج ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت ٻن نينگرين سان گڏجي خيرات وٺڻ بهاني دڪان ۾ داخل ٿي موبائل چوري ڪري رهيون آهن. اطلاع تي گهوٽڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي واپس موٽي وئي. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان موبائيل فون چوري ڪندڙ عورتن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته گهوٽڪي شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي ۽ پوليس چوري جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.