راڻيپور (ن پ ا) بيروزگار عورتن ۽ مردن کي نوڪريون ڏيڻ بهاني ٺڳيندڙ ٽائينس ڪمپني جي نالي سان منسوب سچل نيوٽريشن سينٽر ھيلٿ آفيس راڻيپور ۾اميدوارن کان گهرائي انٽريو ورتا ويا. نوجوانن جي شڪايتن تي پوليس شھرين سان گڏجي ڇاپو هڻي ھڪ ڄڻي شفيع محمد جتوئي کي گرفتار ڪيو، باقي عملو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، قمبر، شھداد ڪوٽ، وارھ ۽ خيرپور کان پهتل اميدوارن صحافين کي ٻڌايو ته فيس بڪ تي آيل اشتهار کانپوءِ واٽس ايپ ذريعي اپلاءِ ڪيو، راڻيپور گهرائي انٽريو ورتو ويو. اسان کي 15 مريض وٺي اچڻ لاءِ چيو ويو، جنهن ۾ هر مريض تي پندرنهن پرسٽنٽ ڏنا ويندا مريض کي پنجويهه سو کان چئن هزارن تائين دوا ڏني ويندي، جنهن مان توهان کي ڪميشن ملندي، ليبارٽري جون ٽيسٽون پڻ ڪرايون وينديون، پنجويهه هزارن کان هڪ لک تائين ڪمائي سگهو ٿا، اسان کي خبر ناهي ته هي ڪو ٺڳن جو ٽولو آھي. اهڙي معاملي جو ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسن ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙي ڪمپني بابت ڪابه ڄاڻ ناهي اسان انڪوائري مقرر ڪري ڇڏي آھي، جنهن ۾ ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آھي.