ٽنڊوآدم (ن پ ا) سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري ۽ ناليواري سياستدان اڳوڻي مملڪتي وزير وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي 16 هين ورسي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي وئي، سندس فرزندن پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو، پ پ اڳواڻ محمد خان جوڻيجو ۽ ٻين پاران سندس آخري آرامگاهه تي حاضري گلن جو چادرون چاڙهيون ويون، فاتح خواني ۽ دعا گهري وئي. سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري ۽ ناليواري سياستدان، اڳوڻي مملڪتي وزير وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي 16 هين ورسي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ڪورونا سبب سادگيءَ سان ملهائي وئي مرحوم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي ۽ مرحوم جي فرزندن پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو، پ پ اڳواڻ محمد خان جوڻيجو، علاءُ الدين جوڻيجو، اصغر علي جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو، غلام محمد ٻگهيو، حيدر ورياهه، طالب هيسباڻي ۽ ٻين پاران مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي وئي.