گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشنن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، 400 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو. 26 جون تي رٿيل بلدياتي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آفيس گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي حدن اندر 87 پولنگ اسٽيشن کي انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن حڪومتي ڌر جي مخالف اميدوارن جي درخواست تي اي سيڪشن ٿاڻي جي حدن اندر ايندڙ 87 پولنگ اسٽيشنن سميت ضلعي جي 400 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏيندي رينجرس ۽ فوج مقرر ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيس جي عملدار ماجد ڪلهوڙي موجب چونڊن واري ڏينهن ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشن تي سيڪورٽي سخت ڪرڻ لاءِ اهڙو خط لکيو آهي پر احا تائين خط جو جواب نه آيو، باقي بئلٽ باڪس ۽ ٻيو سامان آفيس ۾ پهچي ويو آهي.