ڇاڇرو (ن پ ا) يوسي ڍاڪلو جلال الدين سنگراسي جي ڳوٺن ۾ پ پ اميدوارن جي ورڪ لاءِ آيل ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي کان ڳوٺاڻن پاران سخت پڇاڻو ڪيو ويو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ڪارنت گڏجاڻي ۾ ڳوٺاڻن کيس چيو ته اسان پيئڻ جو پاڻي ٻه سئو روپيا گيلن ۽ ٽينڪر 18 هزار روپين  ۾ خريد ڪري استعمال ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته دونٻاڙو، رڙياڙو، پوڇانڊي جو پار، ڦانگاريو ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران آهي، هميشه پ پ کي ووٽ ڏنا پر اڄ ڏينهن تائين پيئڻ جي پاڻي جهڙو بنيادي مسئلو حل ناهي ٿي سگهيو، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي چيو ته ڳوٺ کي روڊ جي سهولت ڏني آهي، ڳوٺاڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو تي روڊ کي اسان غريب ڇا ڪيون، اسان کي پاڻي ڏيو، اسان جا معصوم ٻچا اڃ ٿا مرن، جنهن تي پ پ اڳواڻ خاموش ٿي ويا.