مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي جي يوسي چيئرميني جي سيٽ ٽن وڏين پارٽين ۽ آزاد پئنل م مقابلي جو امڪان  آهي، يوسي 1 مسوڀرڳڙي ۾ پ پ جي ٽڪيٽ فائينل اميدوار کي نه ملي سگهي آھي. پ پ جي ٽڪيٽ جي آسري تي ٽن اميدوارن چيئرمين  جي سيٽ لاء پنهنجا الڳ الڳ پينل ٺاهي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آھن. اڳوڻي  يوسي  چيئرمين سيد منظور علي شاھ پاڻ سان گڏ وائيس چيئر مين امداد وگهيو سان فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آھي. پ پ جي ٻئي پينل ۾ حاجي مير دوست بروهي ۽ وائيس چيئر مين لاء منظور علي وگهيو فارم جمع  ڪرايو. ڪائونسلرن ۾ محسن لغاري ، محمد اسلم وگھيو شامل آھن . پ پ جي ٽئين گروپ ۾ اڳوڻي وائيس چيئرمين مهرو خان وگهيو چيئرمين جي سيٽ لاء پاڻ سان گڏ وائيس چيئر مين محمد بچل بروهي سان گڏ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آھي. ٻئي پاسي پي ٽي آء جي ٽڪيٽ تي چيئرمين لاء حاجي خير محمد بروھي  ۽ وائيس چيئرمين لاء ولي محمد لغاري شامل آھن ھتي ڪائونسلرن م علي غلام  خاصخيلي ، وزير بڙدي ، مولابخش لغاري ، علي نواز نونداڻي شامل آھن . ان کان علاوه جي يو آء جي ٽڪيٽ تي چيئرمين سيٽ لاء مٺو وگهيو ۽ وائيس چيئرمين محمد جمن بروهي سان گڏ پنهنجو فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آھي ،  ڪائونسلرن ۾ دائود خاصخيلي ، عطامحمد بروھي ۽ ٻيا شامل آھن ، راڄوڻي اتحاد پڻ پئنل جوڙي ميدان م لٿل آھي جن م چيئرمين لاء الھ بخش ڏاھري ، وائس چيئرمين امانت مھراڻي ، جڏھن ته ڪائونسلرن م سجاد علي ڪلھوڙو ، صدرو نونداڻي ، شاھنواز مھراڻي شامل آھن.