گهوٽڪي (رپورٽر: ماجد سنگهڙ)گهوٽڪي ضلعي ۾ بدياتي چونڊن ۾ ضلع  ڪائونسل تي جي ڊي اي ۽ پيپلزپارٽي ۾ سخت مقابلن بعد غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب جي ڊي اي ضلعي ڪائونسل تي 66 سيٽن مان 33 تي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن ته پيپلزپارٽي پارٽي 32 سيٽون ۽ جمعيت علماءِ اسلام هڪ سيٽ حاصل ڪري ورتي. يوسي کونهارا تي پ پ جو عبدالرئوف ڪولاچي، يوسي کڏواري تي پ پ اميدوار زين العابدين شاهاڻي، يوسي چنگلاڻي تي پ پ اميدوار ظهور احمد ڪلوڙ، يوسي ٻنڌ تي عمران سنگهڙ، يوسي رڪ تي دوست علي ابڙو ڪامياب ٿي ويا. يو سي محمد پور تي ميرڻ شاهه قريشي، قادرپور تي نورمحمد چاچڙ، يوسي ڪچو ٻنڊي تي خان محمد چاچڙ، يو سي سندراڻي تي احسان خان سندراڻي ڪامياب ماڻي. جڏهن ته يوسي جمال تي گلشن چاچڙ،يوسي حسين ٻيلي تي مجيب شاهه، يوسي لٻاڻو تي بخشڻ عرف لالو لغاري، يوسي صالح مهر تي سائينداد چاچڙ، يوسي واڳڻي تي قدرت الله شيخ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته جي ڊي اي جا 6 يونين ڪائونسلز تي  اميدوار ڪامياب ٿيا، جن ۾ يوسي ٻيرڙي تي اسلم مهر، يوسي اٽل مرداڻيءَ تي حاڪم مهر، يوسي علي باغ تي وزير احمد مهر، يوسي باگو ڊهو تي محمد يونس چاچڙ، يوسي قطب شاهه تي ماجد شاهه، يوسي عمر ڊهو تي حفيظ مهر ڪامياب ٿي ويا. جي ڊي اي پاران خانڳڙهه مان 6، اوٻاوڙو مان 9 ۽ پ پ 6 گهوٽڪي مان جي ڊي اي 6 پ پ 14، ميرپور ماٿيلو مان جي ڊي اي 6 پ پ 7، ڏهرڪي مان جي ڊي اي 6 ۽ پي پي 5، جڏھن ته اوٻاوڙو تعلقي مان جمعيت علماءِ اسلام هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي.