ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين  آصف علي زرداري سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪاميابي تي چونڊيل نمائندن توڙي پارٽي ڪارڪنن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته جيالا هاڻي ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي تياري ڪن، پيپلزپارٽي سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي ۽ عوام جي اعتماد جي عڪاس آهي، ڪامياب ٿيندڙ اميدوارو ۽ ڪارڪنن کي مبارڪون هجن جن ڏينهن رات محنت ڪري مخالفن کي شڪست ڏني. آصف علي زرداري پارٽي ڪارڪنن سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيالا، هاڻي بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي جي تياري ڪن فتح اوهان جي منتظر آهي، پاڪستان پيپلزپارتي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري ادارن کي بااختيار بڻايو آهي.