ڪراچي (م ڊ) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي چوڏهن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پ پ کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پ پ کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته عوام نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو پنهنجي ٽوئٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ماڻهن مذهب يا نسل پرستي جي بنياد تي سياست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پرامن، خوشحال، ترقي پسند سنڌ جي چونڊ ڪئي، عوام مڪاني چونڊن ۾ جناح جي چونڊ ڪئي.