لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ طرفان مڪاني چونڊن جا نتيجا  رد ڪندي سنڌ حڪومت ۽ پوليس خلاف ڌرڻن جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻيهر تياري ڪري صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي، ان ڏس ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو، ايم پي اي معظم علي عباسي، مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ گذريل ڏينهن مڪاني ادارن جون ٿيل چونڊون سراسر ڌانڌلي جي پيداوار هيون،  هنن چيو ته چونڊن واري ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي، ووٽر غائب هئا، پولنگ اسٽيشنون نه هيون، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت 18 گريڊ جي آر او جي جاءِ تي 14 گريڊ جي آفيسرن کي مقرر ڪيو هو جن هر محاذ تي پ پ جي اميدوارن کي سپورٽ ڪئي. هنن چيو ته اميدوارن جي اسڪروٽني جي آخري تاريخ 20 مئي تي هئي جنهن ۾ آر اوز اضافو ڪري 27 مئي تائين پنهنجي آفيسن ۾ ويهي اسان جي ڪيترن ئي اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا. هن چيو ته گهوٽڪي ۾ هن وقت تائين اميدوارن جي رزلٽ ظاهر ناهي ڪئي وئي، جيڪي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن  ۽ ڏوڪري ۾ پڻ ساڳئي صورتحال آهي هر ايجنٽ کي اليڪشن کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ ختم ٿيڻ کان پوءِ رزلٽ ڏني ويندي آهي، پر هن وقت تائين رزلٽ ناهي ڏني وئي، هن چيو ته هر پولنگ اسٽيشن تي اسان جي ووٽرن کي تشدد جو نشانو بڻائي هراسان ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي پوليس سرعام پروٽوڪول ڏنو ، جيڪا اليڪشن ڪميشن جي نااهلي آهي، سنڌ حڪومت فوج ۽ رينجرس کي چونڊن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏني، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اليڪشن ڪميشن سٺي نموني سان تياري ڪري ٻيهر چونڊون ڪرائي، راشد محمود سومرو چيو ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز پيپلز پارٽي جي اميدوارن جون وانگارو بڻيل آهن، جيڪي ووٽر لسٽن مان ووٽرن کي غائب ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو مان گذريل ڏينهن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ مختلف پولنگ اسٽيشنن جا چڪر لڳايا جڏهن ته منهنجي فيملي جي 14 ڄڻن جا نالا ووٽر لسٽ مان غائب ڪيا ويا آهن،هن چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ايجنٽن کي اغوا ڪيو ويو،  اسان جي اميدوارن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن، هن چتاءُ ڏنو ته اسان سنڌ جي عوام جي حقن خاطر گهوٽڪي کان ڪراچي تان مارچ ڪنداسين، اسان پارٽي سربراھ مولانا فضل رحمان کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته اهڙي ناانصافين جو نوٽيس وٺي اتحادي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن. ان موقعي تي معظم علي عباسي چيو ته ڌانڌلي لاءِ پ پ پ شهر جي يوسين کي ٻهراڙي جي يوسين سان ڳنڍيو ويو آهي.  لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان نامزد ڪيل اميدوارن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،   چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي آهي، اسين مڪمل طور تي رد ڪري رهيا آهيون.  ٻي طرف راشد محمود سومري نجي ٽي وي ۾ ڳالهائيندي چيو ته صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اسان جي پي ٽي آءِ سان ٺاهه کي ثابت ڪري ڏيکاري آئون پنهنجي سمورن الزامن تان هٿ کڻي ويندس.