گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي شهر جي مختلف علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهڻ ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف  ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻ پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽي ايم او کي جمعي ڏينهن (اڄ) طلب ڪري ورتو. ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري امتياز ملاڻو پنهنجي وڪيل لياقت ملاڻو معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ميونسپل انتظاميا جي نااهليءَ سبب گهوٽڪي شهر ۾ هر طرف گندو پاڻي بيٺل آهي. صفائي سٿرائي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. معاملي جو نوٽيس وٺي شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي سٿرائي يقيني بڻائي وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ٽي ايم او گهوٽڪي کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.