ڪڙيوگهنور ( ن پ ا) ڪڙيوگهنور شهر جي وارڊ 2 جي رهواسين جو گهرن جي ڀرسان گڏ ٿيل برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ ۽ ڊرينج سسٽم ناڪاره هئڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. غلام حسين قمبراڻي، حسام نظاماڻي، گيانچند مهيشوري، لکمڻ داس، آمنا قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته گهرن جي ڀرسان هيٺائي کڏ آھي جتي برساتي پاڻي ۽ گٽر جو گندو  پاڻي جمع ٿيل آھي ، جيڪو هن وقت تائين نيڪال ناهي ٿي سگهيو ، گندي پاڻي سبب مڇرن، مکين جو آزار وڌي ويو آھي، مڇرن  جي آزار بخار، ڊينگي مليريا، گيسٽرو، چمڙي جون بيماريون خارش، الرجي ملو ۽  ٻيون  بيماريون وڌي ويو آھن. مڇرن  سبب ماڻھو توڙي جانور عذاب ۾ آھن. انتظاميا پاڻي نيڪال نه ڪرايو ته ٻيهر برسات پوڻ سان پاڻي اسان جي گهرن ۾ به داخل ٿي ويندو، انتظاميا فورن برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائي ٻئي صورت ۾ اسان احتجاج ڪري  روڊ بند ڪري شھر ۾ ڌرڻو هڻنداسين.