گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبث ۾ واپاري بابل ملاح کان ٿيل 20 لک ڦر واقعي خلاف ملاح برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران قومي شاهراه تي ڌرڻو، سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي مظاهرين نديم کرل، نوشاد ملاح، ٽوهه ڀنڊ، صدرالدين، فائق آريجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گمبٽ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، شهر ۾ چورين ۽ ڦر جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. هنن ٻڌايو ته خميس ڏينهن نامعلوم هٿياربند واپاري بابر ملاح کان 20 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا پر پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته گمبٽ تعلقي ۾ امن بحال ڪرائي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور ڦر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او گمبٽ عبدالجبار ميمڻ کي هٽائي سندس جاء تي رفيق احمد سومرو کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.