ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن پنهنجي مٿان لڳل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، رائو انوار چيو ته پوليس کاتي ۾ هلندڙ دشمني ڪري کيس  ڦاسايو ويو آھي،  هن چيو ته سي ڊي آر ۽ جيوفينسنگ جي رپورٽن ۾ واضح فرق آهي،  رائو انوار چيو ته 13جنوري 2018ع تي کيس شاهه لطيف ۾ دهشتگردن جي موجودگي جو  اطلاع ڏنو ويو، منهنجي پھچڻ تائين مقابلو ٿي چڪو هو، مون ايس ايس پي طور معلومات ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي آگاهه ڪيو، مونکي 18جنوري تي نوٽيس مليو، 19جنوري تي آءِ جي سنڌ جي ڪاميٽي آڏو پيش ٿيس، شروعاتي انڪوائري ۾ 6 اهلڪارن کي ذميوار ڄاڻائي مون کي آجو ڪيو ويو، 23جنوري تي انڪوائري رپورٽ اچڻ کان اڳ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،  21مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيس، جتي جاچ آفيسر مونکي حراست ۾ ورتو،  رائو انوار چيو ته نقيب الله جي نالي تي موبائل فون جون 5 سمون رجسٽرد آهن پر اھو رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو، عدالت چيو ته اوهان تي الزام آهي ته 6 جنوري تي يرغمالي حضرت علي ۽ قاسم کي ڇڏي ڏنو، جڏهن ته نقيب الله کي حراست ۾ رکيو ويو، اوهان تي الزام آهي ته جعلي مقابلي کي اصلي ظاهر ڪري ثبوتن کي ختم ڪري ڇڏيندا آھيو، جنهن تي رائو انوار چيو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي،  عدالت ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي .