ٺٽو  (رپورٽر) ٺٽي ويجھو ڇتو چنڊ ڀرسان ڪي جي واھ ۾ ٻڏي ويل ڳوٺاڻي جي هٿ نه اچڻ تي وارثن جو قومي شاهراھ تي ضلعي انتظاميه خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان ڏس ۾ گذريل ڏهاڙي ڇتوچنڊ ويجهو گجو واھ ۾ رڪشاءَ جو ٽڪر لڳڻ ڪِري واھ ۾ ڪري ٻڏي ويل ڳوٺاڻي لطيف هيجب جو ٻئي ڏينهن تي به ڳولا جي باوجود ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ خلاف قومي شاهراھ تي انتظاميا خلاف ڌرڻو هنيو، مظاهرين چيو ته انتظاميا اسان جي ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا ۾ ڪابه مدد ناهي ڪئي، سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي نوجوان جي ڳولا ۾مدد ڪئي وڃي، ٻي طرف  ايم پي اي رياض شاھ شيرازي مظاهرين وٽ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪري کين ٻڏي ويل ڳوٺاڻي جي ڳولا ۾ هر ممڪن اپائن وٺڻ جي خاطري ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو، هوڏانهن اسسٽنٽ مختيار ڪار عزيز ميمڻ ٻڌايو ته  ڪراچي گجو واھ ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سبب ٽوٻن کي ڳولا ۾ پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ڳوٺاڻي جي ڳولا لاءِ ڪينجھر جي مياڻ امير پير کان وڌيڪ ٽوٻا گھرايا پيا وڃن.