حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ مليريا وگهي ماڻهن جي فوتگي جي اطلاعن جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ پاران ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو هڪ خط لکي چيو آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي. چيو پيو وڃي ته دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ مليريا وگهي وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون هيون. اهڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، جنهن کانپوءِ صحت کاتي جي سيڪريٽري انهن خبرن جو نوٽيس وٺندي ڊي جي صحت سنڌ کي جاچ جو حڪم ڏنو هو، جنهن ڊي ايچ او دادو کي حڪم ڏنو آهي ته هو معاملي جي جاچ ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ سندس حوالي ڪري.