گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ حد دخلين خلاف اي سي گمبٽ جي نگرانيءَ ۾ ابل واهه کان روهڙي ڪئنال تائين آپريشن، دڪاندارن جو سامان ضبط ڪرڻ بعد واپس ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ اي سي گمبٽ اظهر علي لغاريءَ جو چوڻ هو ته ڊي سي خيرپور جي حڪم تي ابل واهه کان روهڙي ڪئنال تائين بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو آهي. حددخليون نه هٽائيندڙن جو سامان ضبط ڪيو آهي. شهر ۾ حددخليون برداشت نه ڪيون وينديون. هوڏانهن دڪاندارن جو چوڻ هو ته اي سي گمبٽ بااثرن جي دڪانن کي هٿ به ناهي لڳايو، صرف ننڍن دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي اي سي گمبٽ پاران ضبط ڪيل سامان بنا ڪنهن ڏنڊ جي دڪاندارن کي واپس ڪيو ويو ۽ هڪ ڪلاڪ بعد سڄي شهر ۾ والار ٻيهر شروع ٿي وئي.