سڳيون (ن پ ا) سڳيون ۾ چوري۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل، سوڀوديرو پوليس سرچ آپريشن دوران 10ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل رات سڳيون ڀرسان ڳوٺ علاؤالدين ڀاڳت ۾ نامعلوم چور وائيلڊ لائيف انسپيڪٽر غلام حيدر ڀاڳت جي گھر مان ھڪ عدد بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. پوليس کوجي ڪتن پيرا کڻي ايوب شيخ جي گھر ۾ هنيا. پوليس ڪارروائي ڪندي گهرڌڻي ايوب شيخ ۽ سندس ٻن پٽن احمد علي ۽ بابر شيخ کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن سوڀوديرو پوليس ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن تيز ڪندي 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جي دعويٰ موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان جديد قسم جا هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن،.