ڌاٻيجي (ن پ ا)  ڌاٻيجي ۾ مبينا بدفعلي بعد قتل ٿيل نينگر جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو. ڌاٻيجي بلال نگر ۾  پنج ڏينھن پهرين معصوم نينگر حسيب راجپوت کي نامعلوم ماڻهن جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪري لاش ساڙڻ جي ڪوشش بعد ڌاٻيجي ريلوي اسٽيشن ڀرسان جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو، وارثن نينگر جو لاش سڃاڻپ بعد قومي شھرا تي رکي ڌرڻو هڻي مين نيشنل هائي وي بلاڪ ڪيو. ايس ايس پي ٺٽو پهچي ٽي ڏينهن اندر جوابدار گرفتار جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوء مک روڊ کوليو ويو. پنج ڏينهن گذرڻ باوجود معصوم نينگر حسيب راجپوت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ڪالهه ٻيهر قومي شاهراھ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جھن سبب سوين مسافر  گاڏيون بيهي ويون. ايس ايچ او ڌاٻيجي پهچي هڪ دفعو ٻيهر مهلت وٺي روڊ کولرايو. وارثن جو چوڻ ھو ته پنج ڏينهن ۾ پوليس قاتلن جي گرفتاري ۾ پوليس مڪمل ناڪام آهي. پوليس ٻيھر ٻن ڏينهن جي مھلت طلب ڪئي آهي ٻن ڏينهن ۾ قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته نيشنل هاءِ ٻيهر بند ڪيو ويندو.