گمبٽ: ڪوڏيجي پوليس پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

0
239

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ فيضل مهر مان 3 ڏينهن اڳ پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان دادن شيخ جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ڪوٽڏيجي پوليس خلاف احتجاج ڪيو، مظاهرينجو چوڻ آهي ته 3 هفتا اڳ کهڙا واسي ناري روبينا اڄڻ قتل ٿي هئي جنهن جو لاش روهڙي ڪئنال مان هٿ آيو هو، پوليس بنا جواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري تنگ ڪري رهي آهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري دادن شيخ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ۽ 3 ٻيا نوجوان به گم آهن، ان دوران انور خاتون شيخ، حسنا خاتون، مرادان خاتون شيخ ۽ ٻين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شفاف جاچ ڪري اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.