ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ نظرانداز: چئني صوبن کان گهٽ اسڪيمون مليون، پنجاب لاءِ وڌيڪ رٿائون

0
323

اسلام آباد: ناڻي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ 900 ارب رپين تي ٻڌل وفاقي ترقياتي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪيمون پنجاب، ٻئين نمبر تي خيبر پختونخوا، ٽئين نمبر تي بلوچستان ۽ سنڌ کي چئني صوبن کان گهٽ ۾ گهٽ اسڪيمون مليون آهن، پيش ڪيل ترقياتي پروگرام جي تفصيلن مطابق ڪيبنيٽ ڊويزن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، ناڻي وزارت، تعليم وزارت، موسمي تبديلي وزارت، واپار وزارت، انساني حقن جي وزارت، سڌ سماءِ جي وزارت، قانون وزارت، جهاز راني وزارت، نارڪوٽڪس ڪنٽرول وزارت، فوڊ سيڪيورٽي وزارت، صحت وزارت،مذهبي مامرن جي وزارت جي نئين منصوبن ۾ سنڌ صوبي جو هڪ منصوبو به شامل ناهي، مواصلات وزارت جي نئين منصوبن ۾ رڳو حيدرآباد- سکر موٽر وي لاءِ 7 ارب 16 ڪروڙ 66 لک رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي نئين اسڪيمن ۾ سنڌ صوبي مان قائد اعظم يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ٻن ڊپارٽمينٽن جي تعمير لاءِ 57 ڪروڙ 50 لک، حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ 60 ڪروڙ، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ اضافي سهولتن جي فراهمي لاءِ 20 ڪروڙ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي لاءِ هڪ ارب، آءِ بي اي سکر ۾ نثار احمد صديقي ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام لاءِ 52 ڪروڙ 50 لک، پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ خيرپور لاءِ 72 ڪروڙ، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾ سهولتن جي واڌ لاءِ 72 ڪروڙ 50 لک جا منصوبا رکيا ويا آهن، هائوسنگ اينڊ ورڪس وزارت جي نئين منصوبن ۾ بدين جي مختلف 11 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20 ڪروڙ، بدين ضلعي جي 15 مختلف ترقياتي اسڪيمن لاءِ 15 ڪروڙ، بدين ضلعي جي 19 مختلف ترقياتي اسڪيمن لاءِ به 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، صنعت پيداوار وزارت جي نئين منصوبن ۾ ميرپورخاص ۾ اينگرو فوڊ پراسيسنگ سهولتن جي اسڪيمن لاءِ 6 ڪروڙ، پاڪستان اسٽيل ملز جي 1500 ايڪڙ زمين تي ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي منصوبي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جي نئين اسڪيمن ۾ رڳو هڪ اسڪيم ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ جي تعمير لاءِ 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جي ماتحتي ۾ هلندڙ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي نئين اسڪيمن ۾ حيدرآباد ۾ جمنازيم سهولتن جي فراهمي جي منصوبي لاءِ 15 ڪروڙ، گهوٽڪي ضلعي ۾ راندين جي سهولتن جي منصوبي لاءِ 11 ڪروڙ، ميرپور خاص ۾ راندين جي سهولتن جي منصوبي لاءِ 10 ڪروڙ، بدين ۾ نئين فوٽ بال گرائونڊ جي قيام لاءِ 6 ڪروڙ، ڪراچي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي اسٽاف لاءِ رهائشي فليٽن جي منصوبي لاءِ 2 ڪروڙ 18 لک، ٿر ضلعي ۾ اسپورٽس جي سهولتن لاءِ 11 ڪروڙ، تعلقي بدين ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ راندين جي سهولت لاءِ 16 ڪروڙ، ٽنڊي باگي تعلقي ۾ راندين جي سهولت جي منصوبي لاءِ 18 ڪروڙ، سانگهڙ ضلعي ۾ راندين جي سهولت جي منصوبي لاءِ 15 ڪروڙ، ڪراچي ۾ فوٽ بال گرائونڊ جي منصوبي لاءِ 17 ڪروڙ 50 لک، سنڌ صوبي ۾ راندين جي سهولت لاءِ پي سي ٽو لاءِ 88 لک، راندين ۾ جنسي برابري جي پي سي ٽو جي منصوبي لاءِ 85 لک، ٽنڊي محمد خان ۾ راندين جي سهولت لاءِ 12 ڪروڙ، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ڪوچنگ سينٽر ڪراچي جي بهتري ۽ بحالي لاءِ 20 ڪروڙ رکيا ويا آهن، گهرو وزارت جي نئين منصوبن ۾ جيڪب آباد، شڪارپور،خيرپور، گهوٽڪي،سکر، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين، سجاول، نوشهروفيروز، سانگهڙ، ٺٽي، دادو سميت سنڌ ۾ 14 ريجنل پاسپورٽ آفيسن جي قيام لاءِ 75 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، قومي ورثي جي وزارت جي نئين منصوبن ۾ ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم جي ماسٽر پلان لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، پيٽروليم وزارت جي نئين منصوبن ۾ 13 ايم ايم سي ايف ڊي آر ايل اين جي جي بن قاسم انڊسٽريل پارڪ کي فراهمي جي منصوبي 14 ڪروڙ 54 لک، بجلي وزارت جي نئين منصوبن ۾ 220 ڪي وي لاڙڪاڻه سب ڊويزن جي منصوبي لاءِ 35 ڪروڙ، 220 ڪي وي ميرپور خاص جي منصوبي لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ، 220 ڪي وي نوابشاهه جي منصوبي لاءِ 35 ڪروڙ، جهمپير ونڊ پاور پلانٽ جي منصوبي لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ، جڏهن ته گهاري ۽ جهمپير ونڊ پاور جي ٻئي منصوبي لاءِ 22 ڪروڙ 50 لک، ريلوي وزارت جي نئين منصوبن ۾ ڪول ٽرمينل جي قيام لاءِ 20 ڪروڙ، پپري يارڊ ڪراچي ۾ سهولتن جي بهتري لاءِ 20 ڪروڙ، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي لاءِ هڪ ارب، روينيو ڊويزن جي نئين منصوبن ۾ پورٽ قاسم ڪسٽم هائوس ۾ ٻئي فلور جي تعمير لاءِ هڪ ڪروڙ 41 لک، پورٽ قاسم ڪسٽم هائوس جي ٻئي منصوبي لاءِ 67 لک، سکر ۾ ڪسٽم جي ويئر هائوس جي تعمير لاءِ هڪ ڪروڙ 79 لک، پاڻي وزارت جي نئين منصوبن ۾ اوٻاوڙو، ڏهرڪي، خان ڳڙهه، ميرپور ماٿيلو ۾ ڊرينيج نظام لاءِ 45 ڪروڙ، ٿر ڪينال جي فزيبلٽي اسٽيڊي لاءِ 10 ڪروڙ، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور جي ڊرينيج جي منصوبي جي ڊٽيل اسٽيڊي ۽ انجنيئرنگ لاءِ 25 ڪروڙ، ڪي فور واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ 15 ارب 11 ڪروڙ 20 لک رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ اندر مختلف وزارتن جي هلندڙ منصوبن لاءِ به پيسا رکيا ويا آهن، جن ۾ مواصلات وزارت ڪراچي- لاهور موٽروي لاءِ زمين جي خريداري، ملتان- سکر ۽ سکر- حيدرآباد جي زمين جي خريداري جي مد ۾ 4 ارب 61 ڪروڙ 13 لک، حيدرآباد- سکر موٽروي لاءِ 7 ارب 16 ڪروڙ 66 لک، سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ حيدرآباد لاءِ هڪ ڪروڙ 91 لک، دائو يونيورسٽي ڪراچي جي ٽريٽمينٽ سينٽر منصوبي لاءِ 24 ڪروڙ 22 لک، حيدرآباد ۾ وفاقي انسٽيٽيوٽ جي قيام لاءِ 30 ڪروڙ، ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليمي سهولتن ۾ بهتري جي لاءِ 25 ڪروڙ، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 20 ڪروڙ، ڄامشورو يونيورسٽي ۾ سهولتن جي بهتري لاءِ 25 ڪروڙ، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو لاءِ 25 ڪروڙ، سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ سهولتن جي بهتري لاءِ 10 ڪروڙ، گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي خيرپور لاءِ 25 ڪروڙ، سکر ۾ نيب جي آفيس جي تعمير لاءِ 5 ڪروڙ، لاڙڪاڻي، سکر، شهيد بينظير آباد ضلعي جي لاءِ وزيراعظم جي ترقياتي پروگرام تحت 83 ڪروڙ 26 لک، ايسٽ ڪراچي جي مختلف روڊن جي بهتري ۽ سيوريج سسٽم جي منصوبي لاءِ 21 ڪروڙ 79 لک، حيدرآباد سٽي ۽ لطيف آباد جي يونين ڪائونسلن جي روڊن جي تعمير ۽ سيوريج سسٽم لاءِ 44 ڪروڙ 56 لک، ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي ۾ روڊن ۽ سيوريج سسٽم لاءِ 6 ڪروڙ 23 لک، سينٽرل ڪراچي جي روڊن ۽ سيوريج لاءِ 12 ڪروڙ 47 لک، سينٽرل ڪراچي ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ پاڻي، سيوريج ۽ روڊن جي اسڪيمن لاءِ هڪ ارب 31 ڪروڙ 92 لک، ايسٽ ڪراچي ضلعي لاءِ 60 ڪروڙ 63 لک، ڪورنگي ۽ ملير ضلعي لاءِ هڪ ارب 45 ڪروڙ 13 لک، ڏکڻ ڪراچي جي منصوبن لاءِ 98 ڪروڙ 66 لک، نوابشاهه، ميرپور خاص ۽ سکر ضلعن جي وارڊس، يونين ڪائونسلن ۾ سيوريج لائين، واٽر سپلاءِ ۽ سولر لائيٽن لاءِ 34 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ملير لنڪ روڊ کان ايم نائين تائين روڊ جي تعمير لاءِ هڪ ارب، ملير کان دادا بائي ٽائون/ ايڪسپريس وي تائين روڊ جي تعمير لاءِ 2 ڪروڙ 20 لک، گرين لائين بس منصوبي لاءِ 2 ارب 99 ڪروڙ 84 لک، ڇاڇرو، ننگرپارڪر تعلقن ۾ آر او پلانٽس لڳائڻ لاءِ 88 ڪروڙ 88 لک، گرين لائين ٽرانسپورٽ سسٽم جي هڪ ٻئي منصوبي لاءِ 4 ارب 30 ڪروڙ، منگهو پير کان ڄام جاکرو روڊ جي تعمير لاءِ 55 ڪروڙ 55 لک، نشتر ۽ منگهو پير روڊ لاءِ 44 ڪروڙ 60 لک، ڪي ايم سي ڪراچي جي موجوده فائر فائيٽنگ سسٽم جي بهتري جي منصوبي لاءِ 8 ڪروڙ 62 لک، رحماني نگر ۽ باقراڻي حبيب ڪوٽ ريلوي سيڪشن جي بحالي لاءِ هڪ ارب 25 ڪروڙ، آر بي او ڊي 2 جي منصوبي لاءِ 50 ڪروڙ، سنڌ بيراج منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ 20 ڪروڙ 25 لک، سنڌ ۾ مختلف شاخن جي لائيننگ لاءِ 10 ڪروڙ، مکي فريش لنڪ ڪينال منصوبي لاءِ 10 ڪروڙ، نئين گاج ڊيم جي منصوبي لاءِ 5 ارب، ريڻي ڪينال لاءِ هڪ ارب 67 ڪروڙ 22 لک، سنڌ جي آبپاشي ۽ ڊرينيج نظام جي بهتري لاءِ 10 ڪروڙ، سکر بيراج جي بحالي ۽ بهتري لاءِ 5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.