ڪوٽ غلام محمد ڀرسان نوجوان ناري ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

0
196

ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڪوٽ ميرس وٽ 22سالن جي شادي شده عورت شريمتي سيتا زال کيمچند ڪولهي گهر اندر رات دير سان ڳچي ۾ ڦاهو ٻڌي پنهنجي ئي گهر ۾ خودڪشي ڪري زندگي جو ڏئيو اجهائي انت آڻي ڇڏيو، ستيا ڪولهڻ جو گهر ۾ ٽنگيل لاش ڏسي ڪوٽ غلام محمد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو پوليس پهچي لاش کي لاهي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪيو، خودڪشي ڪندڙ عورت شريمتي سيتا ڪولهڻ جي سهري ڪرشن ڪولهي ۽ مڙس کيمچند ڪولهي جو چوڻ ھو ته سيتا ڪولهڻ جي طبعيت اڪثر خراب رهندي هئي ۽ حسابي چڪر پڻ هوجنهن جي ڪري هن هو انتهائي عمل ڪيو.