گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ريڊر لاشاري ۾ گئس جو پريشر گھٽ هجڻ خلاف رهواسي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي انيس لاشاري،هيل لاشاري، ذيشان لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان گئس جو پريشن گھٽ آهي، گئس جي هوندي روزانا ڪاٺيون وٺڻ تي مجبور آهيون پر شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيوته نوٽيس وٺي گئس پريشر وڌايو وڃي.