بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۾ ڳوٺاڻن نينگر جي گرفتاري خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مير خان ٺوڙهي جي رهواسي عورتن ٻارن مردن بڪيراشريف شهر جي کوکر پمپ تي ٻه ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، مسمات غلام فاطمه، مسمات ڦاپو، مسمات حليمه، مسمات ساران، الله کيو ماڇي، نور ماڇي ۽ ٻين چيو ته پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان جي نينگر تنوير ماڇي کي بيگناھ کڻي وئي ۽ سندس رڪشا بااثر وڏيري جي اوطاق تي بيهاري ڇڏيو آهي، جيسين پوليس اسان جي نينگر کي آزاد نه ڪندي تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو، بڪيراشريف پوليس جي ايس ايچ او عبدالله ٻرڙو پهچي احتجاج ڪندڙ سان ڳالهيون ڪيون ۽ نينگر سجاد علي سولنگي کي آزاد ڪري، روڊ کلرايو جڏهن ته احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان ايس ايچ او عبدالله ٻرڙو جي خاطري تي روڊ کوليو آهي،