پنوعاقل (ن پ ا) پنو عاقل جي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي جي ڳوٺاڻن بيخود بلوچ، امداد جسڪاڻي، محب ۽ آفتاب جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ جمعو جسڪاڻي جي لنڪ روڊ تي گئس اسڪيم جو رھيل ڪم مڪمل نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڪبير احمد، حرف الدين، محمد اعظم، نظام الدين،
صدف الله، نزاڪت ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ گئس جي مين لائين جا پائپ ڳري رھيا آھن، ھنن چيو ته اسان ڪيترن سالن کان گيس جي سهولت کان محروم آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گيس جو رھيل ڪم مڪمل ڪري گوٺ ۾ گئس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.