گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ حاجي غيب وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ هڪ زخمي حزب الله ٻڌايو ته راڻيپور کان گمبٽ اچي رهيا هئاسين ته ڳوٺ حاجي غيب وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ پنجن سالن جي عاليه، 26 سالن جي مومل، 32 سالن جي سومل، حزب الله ۽ اويس انصاري زخمي ٿي پيا، جن کي گمس اسپتال داخل ڪرايو آهي. هڪ زخمي عورت سومل جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.