کورواھ (ن پ ا) کورواهه سميت تعلقي گولاڙچي جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ منشيات جي عام واهپي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران کورواھ ۾ ٽي روزه احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي. اڳواڻن ابوبڪر ڪڇي اڪبر کوڙ نور جت ۽ ٻين چيو ته تعلقي گولاڙچي جي شهرن کورواھ ڪڙيو گهنور ترائي ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ منشيات هلي رهي آهي جنهن نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته گهٽڪو سفينا توڙي ٺرو جيڪي تعلقي گولاڙچي ۾ وکر جيان هلي رهيا آهن هنن ايس ايس پي بدين ۽ وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات جو وڪرو  بند ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.