جاتي(ن پ ا)جاتي تعلقي جي ساحلي پٽي جي وڏي شاخ شير خانه کي پڪو ڪرڻ واري ڪم ۾ مبينا ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب شاخ هنڌان هنڌان اکڙي وئي آهي. شاخ جو ڪم مڪمل ٿيندي ئي ڏھ ڏينهن اندر هنڌان هنڌان ديوارون ڪري پيون، شاخ جو فرش به هر جڳعه تان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو آهي. ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو ڀانڊو ڦاٽڻ سبب آبپاشي کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. آبادگارن سومار ڍيرو، ابواهيم رڇو ۽ ٻين چيو آهي ته ڪروڙين روپين جي خرچ سان شير خانه شاخ جي لائننگ جو ناقص ڪم ڪري علائقي جي زراعت سميت ساحلي پٽي جي آبادگارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي. پر هن ڪرپشن ۽ ناقص ٿيندڙ ڪم طرف ڪير به ڌيان نه ٿو ڏني. هنن مطالبو ڪيو آهي ته شير خانه شاخ کي پڪو ڪرڻ ۾ لائننگ جو ڪم خراب ڪرڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪري ذميوارن خلاف قانوني قدم کڻي شاخ جو ٻيهر بهتر ۽ سٺي مٽيريل سان ڪم ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر موٽو خان ٻدايو ته شير خانه شاخ جي لائننگ جو خراب ڪم زوري شاخ ۾ پاڻي ڇڏڻ سبب ٿيو، مون اتي وڃي خراب ٿيل ديوارن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ آگاهي ڏني آهي ۽ نشان ڏئي نئين سر ڪم ڪرڻ جو ٺيڪيدار کي چيو آهي.