اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت گاڏين، موبائيل فونن، ڪراڪري، ڊراءِ فروٽ، ميڪ اپ، شيمپو، هٿيارن بوٽن، جام جيلي، مڇي، ٽشو پيپر، چشمن سوڌو 38 شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پاران پابندي جي سمري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت هنگامي معاشي منصوبي تحت لگزري ۽ غير ضروري شين تي پابندي جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته جن شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن ۾ موبائيل فون، گهريلو سامان، افغانستان کانسواءِ فروٽ ۽ ڊراءِ فروٽ، ڪراڪري، هٿيار ۽ اميونيشن، بوٽ، انرجي سيورس کانسواءِ فانوس ۽ لائيٽن، هيڊ فونز، لائوڊ اسپيڪر، چٽڻين، ڪيچپ، دروازن ۽ درين جا فريم، سفري ٿيلهن، سوٽ ڪيسز، سينيٽري سامان، مڇي ۽ فروزن فشن، ٽشو پيپر، فرنيچر، شيمپو، گاڏين، ڪنفيڪشنري جي سامان، لگزري ميٽرس ۽ سليپنگ بيگس، جيمز ۽ جيلي، ڪارن فليڪس، هيٽرس، اس کان بچاءَ وارا چشما، بورچيخاني جا سامان، ايئرڊ واٽر (هوا وارو پاڻي)، فروزن گوشت، جوس، پاستا، آئيس ڪريم، سگريٽ، شيونگ جو سامان، لگزري ليدر آئيٽمز، موسيقي جا اوزار، سيلون جو سامان ۽ چاڪليٽس جي امپورٽ تي فوري طور تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته امپورٽيڊ گاڏين جي امپورٽ تي مڪمل پابندي تصور ٿيندي، هن جو چوڻ هو ته ان پابندي سان مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي اثر ايندو ۽ سالياني بنيادن تي 6 ارب ڊالر جا مثبت اثر معيشت تي پوندا، هن چيو ته معاشي طور ملڪ اندر هاڻي ايمرجنسي جي صورتحال آهي، موجوده صورتحال ۾ عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي، هن حڪومت ۾ چئني صوبن جي نمائندگي آهي، 1947ع کان 2008ع تائين حڪومتن جيترو قرض ورتو اوترو گذريل 4 سالن ۾ قرض ورتو ويو آهي، ملڪ مٿان قرض 25 هزار ارب کان 43 هزار ارب تائين پهچايو ويو. تجارتي خسارو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچايو ويو، ڊالر 189 رپين تي ڇڏي  ويا هئا، عمران خان جن شرطن تي آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيح ڪئي ان ڪري اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي آهي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جن لگزري شين جي امپورٽ تي پابندي هنئي وئي آهي ان سان قيمتي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي، اسان ڪفايت شعاري تي عمل ڪنداسين، مالي طور تي مضبوط ماڻهن کي ان ڪوشش ۾ اڳتي  وڌڻ گهرجي ته جيئن گهٽ مراعت يافته ماڻهن کي اهو بار برداشت نه ڪرڻو پوي جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت انهن مٿان وجهي وئي آهي.