اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو  آهي ته سپريم ڪورٽ جي نوٽيس تي حڪومت پنهنجو  موقف پيش ڪندي، نيب جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن ته نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ ڪري نيب عمران خان جو ذيلي ادارو هو، هن چيو ته بشير ميمڻ جو انٽرويو سڀني جي سامهون آهي، جيڪي ڪيس نيب ۾ هئا انهن کي وري ايف آءِ اي کڻي ورتو، اسان جي قانوني ٽيم مشاورت ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي نوٽيس تي پنهنجو موقف پيش ڪنداسين. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته خوني مارچ ڪرڻ جا بيان ڏنا پيا وڃن، خوني مارچ ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي، عمران خان هڪ شڪست کاڌل ۽ ناڪام شخص آهي، ملڪ اندر فساد چاهي ٿو، اهو پهريان به 126 ڏينهن ڌرڻو هڻي ويٺو هو، ڇا هو استعيفا وٺي سگهيو هو، هن چيو ته  اڳوڻي حڪومت ۾ فرح گوگي وٽ پيسن جي گهٽ ٻوري ايندي هئي ته پنجاب اندر مقرريون بدليون ڪيون وينديون هيون، هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ حڪومت جو ڪم  آهي، هن چيو ته اهو فيصلو ن ليگ ۽ اتحادي ڪندا ته پاڪستان اندر چونڊون ڪڏهن ٿينديون.