اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي ۽ سندس مڙس احسن جميل خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي  آهي. نيب جي جاچ ٽيم نيب جي اعليٰ اختيارين کي فرح خان جي طلبي جا نوٽيس موڪلڻ جي اجازت جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب نيب فرح گوگي ۽ سندس مڙس خلاف رڪارڊ جي وصولي لاءِ 100 کان وڌيڪ خط جاري ڪيا هئا، اهي خط مختلف حڪومتي ۽ نجي ادارن کي موڪليا ويا هئا. جاچ ٽيم مختلف کاتن کان وصول ٿيل رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته فرح خان جي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح خان خلاف انڪوائري ۾ حيران ڪندڙ شاهديون سامهون اچي رهيون آهن، ان ئي بنياد تي کيس فوري طور تي طلبي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.