اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ ذخيرو ڪندڙن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا گهڻا ذخيرا موجود آهن، ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صوبا پنهنجي پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملن تائين پهچ کي يقيني بڻائن، گذريل پنجن ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن سبب اٽي جي 40 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ تقريبن 1000 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جيڪا خوش آئند آهي، وزيراعظم هدايت ڪندي چيو ته لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ  ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻن. حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري مهانگائي ڪندڙن کي جوڳيون سوزائون ڏيندي، اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جائزو ورتو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جا گهڻا ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذيرن مان فلور ملن تائي ڪڻڪ جي فراهمي وڌيڪ تيز ڪئي وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ايڪسپورٽ ٿيل ڪڻڪ به ملڪ ۾ پهچي وئي آهي جڏهن ته جنوري جي آخر تائين وڌيڪ اسٽاڪ به پهچي ويندو، وزيراعظم ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي فراهمي جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن، اجلاس ۾ خوراڪ جو وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما لاڳاپيل اعليٰ آفيسر ۽ صوبائي چيف سيڪريٽري به موجود هئا.