ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جو بحران برقرار، اگهن ۾ واڌ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف ايس يو پي سميت مختلف تنظيمن جو احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، علامتي بک هڙتال، ريليون، پنجاب ۾ سستو اٽو وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل پيرسن فوت، خبر موجب حيدرآباد ۾ اٽي جي اگهن ۾ اضافي خلاف ايم ڪي يوٿ نيٽ ورڪ ۽ وائيس آف وڪٽم پاران ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا، سکر ۾ علامتي بک هڙتال ڪري مهتاب شامي ۽ سراج ميراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پارٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر مظهر مغل، مظفر شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٻئي پاسي پ پ شهيد ڀٽو پاران چوٿين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ميرپورخاص ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڪارڪنن منظور ميمڻ، محمد خان مري، لالا اظھر پٺاڻ، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي حمل خشڪ، آصف لاشاري، الھداد خشڪ جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪب آباد ۾ مزدور شهري اتحاد جي سڏ تي حاجي غلام نبي رند، شاهنواز منجهو جي اڳواڻي ۾ مزدورن ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاج ڪيو، ٻئي طرف جماعت اسلامي پاران محمد حسين محنتي ۽ ديدار لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته شهيد ڀٽو پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، بدين ۾ سنڌترقي پسند پارٽي پاران شاھنواز سيال، ممتاز جت، قاسم ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڄامشوري ۾  پ پ ش ڀ طرفان پريس ڪلب آڏو  علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾ دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، شاھنواز مرھيٽو احتجاج ڪيو، شڪارپور ۾ جماڻي هال چوڪ کان پريس ڪلب تائين نزاڪت ميمڻ، شبير سومرو، اسدالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نيوسعيدآباد ۾ غلام مصطفيٰ رند، سھيل قريشي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو، سيوھڻ ۾  ايس يو پي پاران  نواز رند، مريد بروھي، فريد ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي پاران روشن ٻرڙي، درياهه خان لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اوڏيرولال اسٽيشن ۾ سجاد حاجاڻو،  اعجاز سنڌي، منظور ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ميھڙ ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران حبيب حضوري ۽ حاجي خان مارفاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ ايس يو پي ۽ سياف پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پنوعاقل ۾ ٻئي ڏينھن به پ پ شھيد ڀٽو طرفان قربان ڪلوڙ ۽ گلشن ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، فيض گنج  ۾ ايس يو پي جي سڏ تي هادي بخش شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪوٽ غلام محمد ۾ پورهيتن حارث ٽالپر، محبوب کيڙو، ڪامريڊ رازو مل، چوڌري ارشاد احمد، ناصر بنديشه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڍورونارو ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن روشن منڱريو، يار محمد ملاح، لڇمڻ ڀيل، حسين نھڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، گاجي کهاوڙ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن سجاد چانڊيو، جي ايم لاشاري، اياز جويو جي اڳواڻي احتجاج ڪيو، نصيرآباد ۾ ايس يو پي ڪارڪن فقير علي گل ڪانڌڙو، سپاف جي ڪامريڊ زين نوناري، قومي عوامي تحريڪ جي اڪبر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قادر بروهي، ڪوڙل ملاح احتجاج ڪيو، ٽنڊو آدم ۾ ڪامريڊ محمد خان پنهور، امداد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، دوڙ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ڪارڪنن ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي ۽ شمس کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، سڪرنڊ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن چنڱل خان انڙ، شهمير جمالي، اڪبر علي مھر، محمد خان گدارو، قاسم سومرو، سارنگ ڪيريو،  شوڪت ميمڻ، وسيم ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٻئي پاسي پنجاب جي علائقي ڪبير والا ۾ پيرسن سستو اٽو وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺو ته کيس دل جو دورو پيو، جنهن بعد هو فوت ٿي ويو.